اسلام آباد -11 جون (اي پي پي)پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024ع تائين 6 سيٽلائيٽ ٽي وي لائسنس، 2 ايف ايم ??ائسنس ۽ 39 ڪيبل ٽي وي لائسنس جاري ڪيا، مارچ 2024ع تائين جاري ڪي?? سيٽلائيٽ ٽي وي لائسنس جو انگ 140، ايف ايم ??ائسنس جو انگ 239 ۽ ڪيبل ٽي وي لائسنس جو انگ 3775 ٿي ويو آهي. جاري ڪي?? اقتصادي سروي 24-2023ع موجب پيمرا طرفان جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024ع تائين هڪ نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز جو سيٽلائيٽ ٽي وي لائسنس جاري ڪي?? ويو، اهڙي طرح ٻه لائسنس انٽرٽينمينٽ جي ڪي??يگ??ي ۾، هڪ علائقائي ٻولي ۽ هڪ تعليمي چئنل ۽ هڪ نان ڪمرشل تعليمي چئنل جي ڪي??يگ??ي ۾ جاري ڪيا ويا. مارچ 2024ع تائين ڪمرشل ڪي??يگ??ي ۾ هڪ ايف ايم چئنل جو لائسنس جاري ڪي?? جنهن کانپوءِ ايف ايم ريڊيو لائسنس جو انگ 239 ٿي ويو. پيمرا جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024ع تائين مجموعي طور تي 39 ڪيبل ٽي وي لائسنس جاري ڪيا جن کانپوءِ مارچ 2024ع مجموعي طور تي جاري ٿيل ڪيبل ٽي وي لائسنس جو انگ 3775 ٿي ويو آهي. اهڙي طرح مارچ 2024ع مجموعي طور موبائيل ٽي وي جا 4، انٽرنيٽ پروٽوڪول جا 26، ڊائريڪٽ ٽو هوم (ڊي ٽي ايڇ) جو هڪ، ٽيلي پورٽ جو هڪ ۽ ٽيلي ويزن ريٽنگ پوائنٽ ڪمپنيز کي 3 لائسنس جاري ڪيا. پيمرا جي آمدني جو بنيادي ذريعو لائسنس جاري ڪرڻ وقت لائسنس وٺندڙن کان ايڊوانس ٽيڪس جي وصولي ۽ ان جي تجديد ۽ فيس يا ڏنڊ جي وصولي تي ٻڌل آهي. مالي سال 24-2023ع ۾ جولاءِ کان مارچ دوران پيمرا مالي سال 2023ع ۾ 19 لک 63 هزار روپين جي ڀيٽ ۾ 27 لک 50 هزار روپيا قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا ج??ڪي 40 س??ڪڙو اضافي کي ظاهر ڪري ٿو.