بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين گڏيل اعتماد ۽ گڏيل اصولن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪندي اهم معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو ورجاءُ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي اعليٰ معيار جي ترقي جي ل??ءِ مسلسل عزم جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته ٽرانسپورٽ، بنيادي ڍانچي، صنعت، توانا??ي، زراعت، صحت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي ل??ءِ 23 مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عظيم هال ۾ چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان وفدن جي سطح تي ملاقات ڪ??ي، وزيراعظم سان گڏ سندس ڪابينا جا اهم ميمبر پڻ گڏ هئا. عظيم عوامي هال پهچڻ تي وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻي واري تقريب جو اهتمام ڪيو ويو ۽ کيس پيپلز لبريشن آرمي جي دستي پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ، جيڪا گڏيل اعتماد ۽ گڏيل اصولن تي ٻڌل آهي، وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چوندجڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن اهم معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي اعليٰ معيار جي ترقي جي ل??ءِ مسلسل عزم ۽ حمايت جو اظهار ڪيو. هن گڏيل فائديمند ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ل??ءِ صنعت، زراعت جي جديدڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ خصوصي اقتصادي زونز تي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏ سمورن جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. سي پيڪ کي اپ گريڊ ڪري وڌيڪ تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. ٻنهي ڌرين گوادر شهر جي سي پيڪ جي هڪ اهم ٿنڀ جي طور تي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گوادر کي علائقائي اقتصادي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ جي ل??ءِ سموري لاڳاپيل بنيادي ڍانچي جي منصوبن جي وقت سر تڪميل تي اتفاق ڪيو. هن سي پيڪ جي مخالفن جي خلاف پنهنجي پختي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو جنهن ۾ سمورين سطحن ۽ ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن ۾ اداراجاتي رابطن کي مضبوط ڪرڻ شامل آهي. پاڪستان ۽ چين علائقائي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن ۽ گهڻ رخي فورمز تي پڻ ويجهي مشاورت جاري رکندا خاص طور تي پاڪستان جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور تي ٻن سالن جي دور دوران ان مشاورت ۾ اضافو ڪيو ويندو. وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ شر??ت ڪئي. تقريب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽيليويزن، فلم، ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر، صنعت، توانا??ي، زراعت، صحت، سماجي، اقتصادي ترقي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ 23 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ وزيراعظم جي اعزاز ۾ هڪ مانجهاندي جو اهتمام ڪيو.