اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ترڪ هٿياربند فوج جي ڪم??نڊر، ڪم??نڊر سيلڪوڪ بيراڪتار اوغلو کي نشان پاڪستان (ملٽري) سان نوازيو. ايوان صدر ۾ پروقار تقريب ٿي. پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير، پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، ٽنهي هٿياربند فوج جي آفيسرن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري ??عل??ٰ ذهانت رکندڙ آفيسر، بهترين انتظامي خوبين، بهادر ۽ پيشيواراڻي طور تي قابل آفيسر هجڻ تي نشان پاڪستان (ملٽري) جو اعزاز عطا ڪيو. اعزاز حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير، ترڪيه هٿياربند فوج جي ڪم??نڊر کي مبارڪباد ڏني. واضح رهي ته جنرل سيلڪوڪ بيراڪتار اوغلو 1993ع ۾ آرمي وار ڪاليج ۽ 1997ع ۾ آرمڊ فورسز ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي. هن پنهنجي شاندار فوجي ڪيريئر دوران مختلف اسٽاف ۽ ڪم??نڊ عهدن تي خد??تون سرانجام ڏنيون. سندس شاندار خد??تن ۽ ڪارنامن جي اعتراف ۾ کيس 2021ع ۾ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي ۽ آگسٽ 2023ع ۾ ترڪ لينڊ فورسز جو ڪم??نڊر مقرر ڪيو ويو.