اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي جي شعبي ۾ موجوده قانوني ۽ اداراجاتي فريم ورڪ جو جائزو وٺڻ، منصوبن جي تڪميل کي تيز تر ڪرڻ ۽ توانائي پاليسي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ وفاقي ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪابينا ڊويزن پا??ان جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم توانائي جي بح??ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪابينا جي هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. ان ڪميٽي جو نالو ”توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي او اي)“ آهي. ڪميٽي جي ذمي??ار??ن ۾ جاري ۽ منصو??اب??دي جي مرحلي ۾ موجود توانائي منصوبن، خاص طور تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت ايندڙ منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ، توانائي شعبي بابت موجوده قانوني ۽ اداراجاتي فريم ورڪ جو جائزو وٺڻ، ان ۾ موجود خامين ۽ ڪمزورين کي ختم ڪرڻ، سڌاراجاتي قدمن جي تجويز پيش ڪرڻ، منصوبن جي تيز رفتار تڪميل ۾ رڪاوٽن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن کي ختم ڪرڻ، موجوده توانائي پاليسي جو جائزو وٺڻ ۽ ان جي ڪمزورين کي ختم ڪرڻ، توانائي جي بچت جي حوالي سان پاليسين/ منصوبن کي جوڙڻ ۽ انهن جي باقاعده نگراني ڪرڻ، ضرورت موجب، پر گهٽ ۾ گهٽ هر ٻن هفتن ۾ هڪ ڀيرو بين الوزارتي رابطاڪاري ڪرڻ، پاليسي/ انتظامي قدمن جي ذريعي ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جو مناسب ذخيرو يقيني بڻائڻ، موثر توانائي مارڪيٽن جي جوڙجڪ ڪرڻ ۽ توانائي شعبي ۾ چوري جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۽ فائدو صارفين تائين پهچائڻ شامل آهي. ڪميٽي جو چيئرمين وزيراعظم پاڻ هوندو جڏهن ته سندس غيرموجودگي ۾ ان ڪميٽي کي پيٽروليم ??ار?? وزير چيئر ڪندو. ڪميٽي ميمبرن ۾ ناڻي ??ار?? وفاقي وزير، منصو??اب??دي، ترقي ۽ خصوصي قدمن ??ار?? وفاقي وزير، بجلي ??ار?? وفاقي وزير، پيٽروليم ??ار?? وفاقي وزير جڏهن ته خصوصي دعوت تي لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز، اوگرا ۽ نيپرا چيئرمين اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا.