اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پاڪستان ۾ ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سان گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس جي ريمارڪس تي ميڊيا جي سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته پاڪستان هڪ جامع جمهوري عمل کي فروغ ڏيڻ، قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ ۽ انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جي تحفظ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي جنهن جي ضمانت ان جي قانونن ۽ آئين ۾ ڏني وئي آهي. پرڏيهي آفيس م??جب جاري بيان ۾ هن چ??و ته پاڪستان جي چونڊ قانونن م??جب 8 فيبروري تي چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي پلانز کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. هن چ??و ته اسان جو عدالتي نظام منصفاڻو ٽرائل ۽ مباسب عمل فراهم ڪري ٿو، چونڊ عمل ۾ ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ ملڪي قانونن جي ذريعي انهن جو قانوني حل موجود آهي.