ڪراچي – 30 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي زور ڏنو آهي ته معا??ري ۾ خصوصي ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جي لاءِ آگاهي فراهم ڪرڻ، انهن کي تعليم ۽ زندگي جي مهارتن سا?? ليس ڪرڻ جي اهميت تي ڌيان ڏنو وڃي. هو ڊائون سنڊروم ۽ ٻين ذهني چئلينجن ۾ ورتل ماڻهن جي اداري سوسائٽي فار چلڊرن ان نيڊ آف اسپيشل اسسٽنس جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ ساڻس گڏ هئي. صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻار معا??ري جو حصو آهن ۽ انهن کي زندگي جي مهارتن سا?? ليس ڪرڻ سا?? اهي پنهنجي زندگي گذارڻ ۽ روزاني جا ڪم پاڻ سرانجام ڏيڻ جي قابل ??ڻج?? سگهن ٿا. هن اهڙن ماڻهن جي لاءِ انهن جي صلاحيتن موجب روزگار جا خصوصي موقعا پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي انهن ملازمتن جي لاءِ گهربل مخصوص هنر سيکارڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻارن جي لاءِ معمول جي تعليمي ادارن ۾ داخلا تي زور ڏيڻ جا سٺا نتيجا نڪري رهيا آهن، اسان کي پاڪستان ۾ به خصوصي ماڻهن جي لاءِ روايتن کي ٽوڙڻ جي ضرورت آهي. وفاقي ۽ سنڌ حڪومتن سرڪاري شعبي جي ملازمتن ۾ مختلف ماڻهن جي لاءِ خصوصي ڪوٽا مخصوص ڪري ان سلسلي ۾ ساراهه جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي جڏهن ته بئنڪنگ سيڪٽر پڻ خصوصي ماڻهن کي شامل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ مختلف بئنڪن جي سربراهن پڻ وڌيڪ خاطري ڪرائي آهي ۽ خصوصي ماڻهن ۽ عورتن جي شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ بابت تازي اجلاس ۾ پڻ ان سلسلي ۾ قدم کنيا ويا آهن. صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته وڏي پئماني تي آگاهي سماجي تاثر ۽ طرزعمل کي تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ان جو مشاهدو ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت خصوصي مهمان دوران ٿيو. هن چيو ته آگاهي جي قدمن بشمول علامتن ۽ روڪٿام بابت ٽيڪسٽ ۽ صوتي پيغام سڄي ملڪ ۾ لکين ماڻهن تائين پهتا جنهن سا?? سوين قيمتي جانيون بچي ويون. ڊا??ٽر عارف علوي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي جي ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻارن جي حوالي سا?? وڏي پئماني تي شعور اجاگر ڪرڻ جي ڪوششن جو خاص طور تي ذڪر ڪيو ۽ چيو ته هاڻي هوءَ ذهني صحت جي مسئلن تي ڪم ڪري رهي آهي. صدر مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻارن جي خصوصي سارسنڀال ۽ تربيت فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي زندگي جون بنيادي مهارتون سيکارڻ تي سوسائٽي جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي سوسائٽي جي اعزازي سيڪريٽري ذوالفقار علي رمزي چيو ته ان حقيقت کي سمجهندي ته خصوصي سارسنڀال ۽ آگاهي سا?? مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻار پنهنجي زندگي گذار سگهن ٿا ته سوسائٽي انهن کي سموريون ضروري مهارتون فراهم ڪري رهيو آهي. پرنسپل ايس ڊي ايڇ، رضوانه خانم بريفنگ ڏني ته سوسائٽي جو وڏو مقصد مختلف قسم جي مشڪلاتن ۾ ورتل ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ هڪ پليٽ فارم قائم ڪرڻ آهي ته جيئن اهي معا??ري جي پاڻڀرو ۽ قدر ۾ اضافو ڪندڙ ماڻهو ??ڻج?? سگهن. ان کان اڳ صدر ڊا??ٽر عارف علوي مختلف معذور ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ سهولتن جو معائنو ڪرڻ جي لاءِ اداري جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ انهن خصوصي شاگردن سا?? ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي پيشيواراڻي سرگرمين يا راندين ۾ مصروف هئا. صدر ڊا??ٽر عارف علوي ان موقعي تي سوسائٽي جي اڱڻ ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو.