اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڏکڻ آفريقا پاران انصاف جي عالمي عدالت ۾ غزه ۾ فلسطيني عوام تي ڪيل ظلمن ۽ 1951ع ??ي نسل ڪشي ڪنوينشن تحت اسرائيل پاران پنهنجي ذميوارين جي خلاف ورزين بابت داخل د??خواست جي حمايت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان ان قانوني ڪارروائي کي وقت سر سمجهون ٿا ۽ اسرائيل کي 7 آڪٽوبر 2023ع کان فلسطيني عوام جي خلاف ٿيندڙ ظلمن جو حساب ڏيڻ طرف هڪ اهم قدم سمجهون ٿا. هن چيو ته ڏکڻ آفريقا جي درخواست ۾ اٿاريل خدشن جو پاڪستان پڻ اظهار ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسرائيل جي جاري فوجي جارحيت ۽ فلسطيني عوام جي خلاف قدم جنگي ڏوهه ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهه ۽ نسل ڪشي جي برابر آهن. هن چيو ته اسان فوري ۽ غيرمش??وط جنگبندي، اسرائيل پاران فلسطيني عوام جي بيدردي سان قتل عام جي خاتمي، غيرانساني گهيراءُ کي ختم ڪرڻ ۽ فلسطيني عوام کي انساني امداد جي فوري پهچ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي پختو يقين رکي ٿو ته فلسطين ??سئ??ي جو واحد منصفاڻو حل جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ آزاد، قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست جو قيام آهي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.