اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان جي رياست جي موقف کي واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به دهشتگرد گروهه سان ان وقت تائين ڳالهيون نه ٿينديون جيستائين اهي هٿيار نه ا??لا??يندا، پرڏيهي آفيس وضاحت ڪري چڪي آهي ته مولانا فضل الرحمان جو افغانستان جو دورو غيرسرڪاري آهي، جيڪڏهن ڪو سياستدان ٻن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري ٿو ته ان جي آجيان ڪرڻ گهرجي، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ حڪومت پرعزم آهي، نوجوان نسل کي انتهاپسندي کان بچائ?? جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??ڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز (پي آءِ سي ??يس ايس) پاران جاري ڪيل سالياني سيڪيورٽي جائزه رپورٽ جي پڌرائي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جو چيئرمين محمد سعد خٽڪ، انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جو صدر نديم رضا، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪنفلڪٽ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر عبدالله خان ۽ ڊائريڪٽر ريسرچ گل داد پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير رپورٽ جي تياري ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي محقيقن جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پيچيده سيڪيورٽي چئلينجن کي سمجهڻ ۽ انهن کي منهن ڏيڻ ۾ هي رپورٽ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته پي آءِ سي ??يس ??يس جو ڪم پاليسي فيصلن ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ ڊيٽا تي ٻڌل رپورٽس فيصلاسازي جو بنياد آهن، پي آءِ سي ??يس ??يس ان سلسلي ۾ هڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي. اهڙي طرح جون رپورٽس نه رڳو اسان جي سيڪيورٽي منظرنامي کي سمجهڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿيون پ?? پاليسي سازن جي لاءِ هڪ روڊ ميپ جو ڪم پڻ ڪن ٿيون. انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پي آءِ سي ??يس ??يس ميڊيا ۽ سفارتي برادري ۾ اڳ ۾ ئي هڪ معتبر نالو آهي ۽ ان جا مختلف تحقيقاتي مطالعا معاشري جي لاءِ قابل قدر خدمتون آهن. هن چيو ته نوجوانن کي مشغول ڪر?? جي لاءِ پي آءِ سي ??يس ??يس جي ملڪ گير مهم ”پاڪسانيت“ اسان جي نوجوانن کي انتهاپسنداڻي نظرين جو شڪار ٿيڻ کان بچائڻ جو هڪ بهترين طريقو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز ڊيٽا تي ٻڌل موقف جو اطلاق ڪري ٿو ۽ پاڪستان ۽ ويجهي پاڙيسري ملڪن ۾ سيڪيورٽي ۽ تڪرارن بابت اڳڀرائي جو معروضي تجزيو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته مون کي اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته پي آءِ سي ??يس ??يس 2001ع کان پ??ڪستان ۾ رياست مخالف تشدد جي ڊيٽابيس تيار ڪئي ۽ هاڻي ان کي افغانستان سميت پوري ڏکڻ ايشيا تائين ڦ??لا??ي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اها ڊيٽا پي آءِ سي ??يس ??يس جي محققين کي تحقيق ڪرڻ ۽ هفتيوار، ماهوار ۽ سالياني رپورٽس تيار ڪر?? جي لاءِ ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته حڪومتن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي وچ ۾ وڌيڪ مضبوط رابطي جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت ۽ پي آءِ سي ??يس ??يس جهڙن ادارن جي وچ ۾ تعاون حوصلي جوڳو آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پي آءِ سي ??يس ??يس جي سالياني سيڪيورٽي جائزه رپورٽ 2023ع مڪمل تحقيق جو نتيجو آهي. اها ڊيٽا کي سمجهڻ ۾ تمام گهڻي آساني فراهم ڪري ٿي. ان رپورٽ کي پڙهي ڪو به ملڪ درپيش مسئلن تي مڪل ضابطو آڻي سگهي ٿو. هن سمورن لاڳاپيل ادارن کي رپورٽ جو مطالعو ڪرڻ جو مشورو ڏنو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير دهشتگردي کي منهن ڏي?? جي حڪومتي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ رياست مخالف تشدد جي رجحان کي روڪ?? جي لاءِ پاليسيون ۽ حڪمت عملي تيار ڪر?? جي ضرورت آهي. هن يقين ڏياريو ته دهشتگردي جي مسئلي کي منهن ڏي?? جي لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته دهشتگردي جي مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ ڪو به ملڪ معاشي ترقي جي سفر جي شروعات نه ٿو ڪري سگهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 2023ع ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ 70 سيڪڙو اضافو ٿيو، اسان جي حڪومت دهشتگردي کي منهن ڏي?? جي لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي. هن چيو ته پي آءِ سي ??يس ??يس جي رپورٽ کي حڪمت عملين کي بهتر بڻائ?? جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان جو افغانستان جو دورو غيرسرڪاري دورو آهي، ان حوالي سان پ??ڏيهي آفيس وضاحت ڪري چڪي آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان دوري تي روانو ٿيڻ کان اڳ رياستي ادارن سان مشورو ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سياستدان ٻن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي بهتري جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو ته ان جي آجيان ڪرڻ گهرجي پر مولانا فضل الرحمان جو دورو مڪمل طور تي غيرسرڪاري آهي، اسان ان جي دوري جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشُون رکون ٿا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته رياست پاڪستان جو موقف واضح آهي ته دهشتگرد گروهن سان ان وقت تائين ڳالهيون نه ٿينديون جيستائين اهي هٿيار نٿا ا??لا??ين ۽ پاڪستان جي آئين کي تسليم نٿا ڪري وٺن.