اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خاص طور تي والاريل فلسطيني علائقن ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پاڪ??تا?? جي موقف کي اجاگر ڪندي مسلمان امت کي درپيش اسلامو فوبيا جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خاص طور تي او آءِ سي جي ذر??عي ??يج??ي ۽ گڏيل طور تي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت تي زو?? ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا (مينا) خطي جي مسلمان ملڪن جي سفيرن سان مانجهاندي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بحرين، مصر، عراق، اردن، ڪويت، لبنان، ليبيا، مراڪش، عمان، فلسطين، سعودي عرب، شام، گڏيل عرب امارات ۽ يمن جا سفير موجود هئا. ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير، نگران وزيراعظم جو سيڪريٽري ۽ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪ??تا?? جي مسلمان دنيا خاص طور تي مينا خطي جي ملڪن سان ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زو?? ڏنو. هن چيو ته اهي لاڳاپا گڏ??ل اعتماد، گڏ??ل افهام تفهيم، ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي ??يج??ي تعاون تي ٻڌل آهن. نگران وزيراعظم ڪيترن ئي معاملن خاص طور تي والاريل فلسطيني علائقن ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پاڪ??تا?? جي موقف بابت آگاهه ڪيو. مسلمان دنيا کي درپيش ٻين چئلينجز جهڙوڪ اسلامو فوبيا تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم مسلمان امت کي انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خاص طور تي او آءِ سي جي ذر??عي ??يج??ي ۽ گڏيل طور تي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت تي زو?? ڏنو. نگران وزيراعظم اسلام آباد ۽ انهن جي لاڳاپيل گادي وارن شهرن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي سفيرن کي ساراهيو. سفيرن نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪ??تا?? سان ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جنهن مسلمان دنيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.