اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) خاتون ??ول بيگم ثمينه عل??ي ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت جاري آگاهي مهم کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان بيماري جي شروعاتي مرحلي (ٽئين ۽ چوٿين مرحلي) تي رپورٽ ٿيندڙ ڪيسز جي انگ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن ڪرڪيٽ مئچ کانپوءِ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مون کي خوشي ٿئي ٿي جڏهن آئون ??بي امداد جي لاءِ پهرين ۽ ٻئي مرحلي جي مريضن ۾ ساراهه جوڳو اضافو ڏسان ٿي. هن چيو ته دنيا ۾ مجموعي طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر مان صحتياب ٿيڻ جي شرح 98 سيڪ??و آهي جڏهن ته هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان ۾ ناڪافي ميموگرافڪ سهولتن ج?? ڪري موت جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري 44 هزار موت هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي جنهن ج?? لاءِ بيماري جي جلد تشخيص بابت مسلسل آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن صحتمند سرگرمين ج?? ذريعي بريسٽ ڪينسر بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن ج?? ضرورت تي زور ڏنو. خاتون ??ول ذهني صحت ۽ تندرستي بابت آگاهي کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ معذور ماڻهن ج?? حقن ج?? وڪالت ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ته جيئن اهي معاشري جو نتيجاخيز حصو بڻجي سگهن. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر، معذور ماڻهن ج?? حقن ۽ دماغي صحت جي موضوعن تي سڄو سال کلي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، اسان کي نه رڳو حڪومت پر پوري معاشري جي تعاون ??ي ضرورت پوندي. خاتون ??ول چيو ته هر مهيني 5 منٽ جو پاڻ معائنو ڇاتيءَ جي ڪينسر جو شروعاتي مرحلي ۾ پتو لڳائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو، اهڙي طرح ملڪ ۾ هزارين عورتن جون ??انيون ??چائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته هر عمر جي عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي تشخيص ٿي رهي آهي. هن عورتن ۽ ڇوڪرين تي زور ڏنو ته اهي پاڻ جانچ جي 5 منٽن ج?? معمول سکن ۽ گهٽ ۾ گهٽ 10 ٻين عورتن ج?? وچ ۾ ان ڳالهه کي ڦهلائين. هن چيو ته دماغي صحت جي حوالي سان هڪ موبائيل ايپ ”همراز“ تيار ڪئي پئي وڃي جنهن ج?? ذريعي ماڻهو پنهنجي ذهني صحت بابت رهنمائي حاصل ڪري سگهن ٿا. بيگم ثمينه عل??ي چيو ته ڪل آبادي جو 24 سيڪڙو دماغي صحت جي مسئلن ج?? شڪار آهي پر لاڳاپيل صحت جي ماهرن ۽ سائيڪاٽرسٽ جو انگ تمام گهٽ آهي جن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن معذور ماڻهن کي معاشري ۾ مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ تعليم ۽ روزگار جون ??هولتون فراهم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. بيگم ثمينه عل??ي ميڊيا جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. خاتون ??ول مارگلا ٽينس ڪلب پاران بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي جي لاءِ اهڙي صحتمند سرگرمي منعقد ڪرڻ جي ڪوشش کي ساراهيندي چيو ته اهڙي طرح جون ??رگرميون مستقبل ۾ پڻ جاري رکيون وڃن. هن ايونٽ جي منتظمين ۽ ميڊيا ٽيمن ۽ مرد ۽ عورتن ٻنهي ٽيمن ج?? ڪرڪيٽ رانديگرن ۾ ايوارڊز/ شيلڊز پڻ ??رهايون.