اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) خصوصي س??ڙپڪاري س??ولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ايپڪس ڪميٽي متفقه طور تي دوست ملڪن سان رابطي جي ل??ءِ مختلف قدمن جي منظوري ??ين??ي انهن قدمن تحت تصور ڪيل مختلف منصوبن تي تيزي سان عملدر??مد جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب دوست ملڪن سان اسٽريٽجڪ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ ايپڪس ڪميٽي (ايس آءِ ايف سي) جو خصوصي اجلاس ٿيو. نگران وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف، وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي تعاون جي موجوده سطح جو جائزو وٺندي متفقه طور تي دوست ملڪن سان رابطي جي ل??ءِ مختلف قدمن جي منظوري ??ين??ي انهن قدمن تحت تصور ڪيل مختلف منصوبن تي تيزي سان عملدر??مد جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم تعاون جي ممڪن شعبن جي نشاندهي ڪرڻ جي ل??ءِ لاڳاپيل وزارتن جي ڪوششن کي ساراهيندي س??ورن حصيدارن کي ڊگهي مدي واري اقتصادي منافعو حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. آرمي چيف پاڪستان حڪومت جي معاشي قدمن جي حمايت جي ل??ءِ پاڪ فوج جي اڻٿڪ عزم جو يقين ڏياريو.