اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، ڪوئيٽا ۽ سن?? ۾ ??جلي چوري جي خاتمي جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اسان جي ذم??واري آهي ته بجلي چوري روڪڻ جي مهم جهڙن قدمن ذريعي ايندڙ جمهوري حڪومت جي لاءِ هڪ مستحڪم نظام جوڙيون، زرعي ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، بلوچستان ۾ بجلي چوري روڪڻ جي مهم جي خلاف مزاحمت ۽ ٻين مسئلن جي حوالي سان هڪ جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بجلي چوري روڪڻ جي مهم جي اڳڀرائي تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران گهرو وز??ر، توانائي وارو نگران وز??ر، اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وز??ر، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل وفاقي سيڪريٽريز موجود هئا. اجلاس ۾ نگران وز??راعظم کي مهم جي شروعات کان وٺي هيستائين جي نتيجن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي مهم جي نتيجن جي انگن اکرن بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مهم ۾ 19415 بجلي چورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سيپٽمبر کان هيستائين بجلي چوري جي خلاف 39836 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن ۽ بجلي چوري ۾ ملوث 189 سرڪاري آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي.مردان ۾ بجلي چوري جي خاتمي جي مهم سڀ کان وڌيڪ ڪامياب رهي جنهن ۾ بجلي چوري جي شرح 43 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 13 سيڪڙو تائين اچي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مهم جي شروعات کان 30 سيپٽمبر تائين 14 ارب رپين جون وص??ليون ڪيون ويون آهن. لاڳاپيل عملدارن مهم دوران پيش ايندڙ مسئلن جي حوالي سان پڻ نگران وز??راعظم کي آگاهه ڪيو. نگران وز??راعظم لاڳاپيل عملدارن کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، ڪوئيٽا ۽ سن?? ۾ ??جلي چوري روڪڻ جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وز??راعظم زرعي ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. نگران وز??راعظم لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ بجلي چوري روڪڻ جي مهم جي خلاف مزاحمت ۽ ٻين مسئلن جي حوالي سان هڪ جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وز??راعظم چيو ته اسان جي ذم??واري آهي ته بجلي چوري روڪڻ جي مهم جهڙن قدمن ذريعي ايندڙ جمهوري حڪومت جي لاءِ هڪ مستحڪم نظام جوڙيون.