اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي معاشري مان عدم برداشت جي خاتمي ۾ فلمن جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سٺيون فلمون معاشري جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، فلمن جو نه رڳو پراڻي پر موجوده دور ۾ به تاريخي ڪردار رهيو آهي، سٺيون فلمون تڪرار?? کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جو طريقو سيکارين ٿيون، اسان جو نوجوان نسل ڊيجيٽل ??يڪ??الاجي مان فائدو کڻي رهيو آهي، نوجوان?? کي سکڻ جو عمل جاري ۽ پنهنجي تنقيدي صلاحيت?? کي زندهه رکڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فاطمه جناح وومين يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ ”ٻئي نقش ??يجيٽل فلم فيس??يو?? 2023ع“ جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نقش ??يجيٽل فلم فيس??يو?? فاطمه جناح يونيورسٽي جي هڪ اهم ڪوشش آهي، فلمن جو نه رڳو پراڻي پر موجوده دور ۾ پڻ اهم تاريخي ڪردار آهي. هن چيو ته سٺيون فلمون اخلاقيات سيکارڻ سان گڏوگڏ تڪرار?? کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جو طريقو پڻ سيکارين ٿيون. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان جا نوجوان ڊيجيٽل ??يڪ??الاجي مان فائدو کڻي رهيا آهن، نوجوان سکڻ جي ان عمل کي جاري رکن. هن چيو ته فيس??يو?? ۾ فاطمه جناح وومين يونيورسٽي سان يو اين ايف پي اي سميت ٻين عالمي ادارن جي حصيداري ڏسي خوشي ٿي. هن چيو ته پي ٽي وي قومي نشرياتي ادارو آهي جيڪو ان عظيم فيس??يو?? ۾ حصيدار آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير فيس??يو?? ۾ کٽيندڙ?? کي مبارڪباد ڏني جڏهن ته رنرز اپ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته نوجوان?? کي پنهنجي تنقيدي صلاحيت?? کي زندهه رکڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان مشڪل صورتحال مان گذري رهيو آهي، اسا?? کي معاشري ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، اسا?? کي گڏجي پاڪستا?? کي اڳتي وٺي وڃڻو پوندو. هن چيو ته ايونٽ کي ڪامياب بڻائڻ تي فاطمه جناح يونيورسٽي ۽ ٻين حصيدارن جا ٿورائتا آهيون، اطلاعات واري وزارت جا دروازا نوجوانن جي لاءِ سدائين کليل آهن، اطلاعات واري وزارت فاطمه جناح يونيورسٽي سان هر ممڪن تعاون ڪندي.