اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا جي خواهشمند شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ اهم قدم کڻندي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي تا??يخ ۾ توسيع ڪري ان کي 10 سيپٽمبر 2023ع تي منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان کان اڳ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ 27 آگسٽ تي منعقد ٿيڻي هئي. نگران وزيراعظم شاگردن ۽ شاگردياڻين جي درخواست تي ايم ڊي ڪيٽ جي تا??يخ ۾ توسيع جو فيصلو ڪيو. ايم ڊي ڪيٽ جي تا??يخ ۾ توسيع س??ن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا جي امتحان جي لاءِ وڌيڪ تياري جو وقت ملندو.