ڪوئٽا -12 آگسٽ (اي پي پي) نامزد نگران وزيراعظم سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ جو تعلق بلوچستا?? جي ضلع قلعه سيف الله جي علائقي ڪان مهترزئي ۽ پشتون?? جي نالي واري قبيلي ڪاڪڙ سان ??هي، هو ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ مان ??نٽرميڊيٽ ۽ بلوچستان يونيورسٽي ڪوئٽا مان ??وشلاجي ۾ گريجوئيش?? ۽ ??وليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد پرڏيهه هليو ويو. سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ 2008ع ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تي ڪوئيٽا سٽي مان قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهيو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو، جنهن کان پوءِ هو (ن) ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ 2017ع ۾ نواب ثناء الله زهري جي دور م بلوچستان ??ڪومت جو ترجمان مقرر ٿيو. انوار الحق ڪاڪڙ مارچ 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حمايت سان ??زاد حيثيت ۾ 6 سالن لاءِ سينيٽر چونڊيو جڏهن ته ساڳئي مهيني هو مسلم ليگ (ن) کان منحرف ٿيندڙ ان گروپ جو حصو بڻجي ويو جنهن بلوچستان ??وامي پارٽي جي بنياد رکي. انوار الحق ڪاڪڙ بي اي پي جو مرڪزي ترجمان ??ه رهيو. سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ افغانستان ۽ خطي جي حالتن تي گهري نظر رکي ٿو. هو سينيٽر طور آمريڪا، برطانيه، روس، آسٽريليا سميت يورپ جي مختلف ملڪن جو دورو ڪري چڪو آهي. انوار الحق ڪاڪڙ سينيٽ جي بچاءَ، پرڏيهي معامل?? ۽ ??ارلياماني معاملن بابت فعال ميمبر سان گڏوگڏ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ سمنڊ پار پاڪستاني?? ۽ ??يومن ريسورسز جو چيئرمين رهيو. انوار الحق ڪاڪڙ کي مادري زبان پشتو کان ??لاوه انگريزي، فارسي، بلوچستان ۽ براهوي تي عبور حاصل آهي. انوار الحق ڪاڪڙ بلوچستا?? جي درپيش مسئلن تي گهري بصيرت رکي ٿو. سندس دانشوراني سوچ ۽ بصيرت سبب ملڪي اعليٰ يونيورسٽي?? ۽ ??رڏيهي يونيورسٽين جن ۾ هارورڊ ۽ برسلز جهڙا تعليمي ادارا آهن، جن ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ ۽ تجزين ۽ تجويز?? جي باري ۾ بار بار گهرايو ويندو رهيو. نامزد نگران وزيراعظم سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ جي سفارتي ڪوششن سبب عالمي ميدان ۾ رياست جي مثبت ۽ معاون نقطئه نظر کي پيش ڪرڻ لاءِ مضبوط تحريڪ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي ۽ پرڏيهه ۾ رياست مخالف ڌرين طرفان ڪيل ناڪاري ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه بي نقاب ٿي ۽ ا?? جي هنرمنداڻي خطاب جي نتيجي ۾ عالمي برادري ۽ بلوچستان ??ڪومت جي حق ۾ پاليسين ۾ ڪيتريون ئي مثبت تبديليون آيون. سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ مضبوط بلوچستان لاءِ هڪ مثبت ويزن رکي ٿو. سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جو اڳوڻو شاگرد پڻ رهي چڪو آهي.