اسلام آ??اد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي لاءِ هيلٿ انشورنس آن لائين فارم جاري ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير صحافين جي جو آن لائين رجسٽريشن فارم جاري ڪيو، جيڪو اطلاعات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. صحافي آن لائين هيلٿ انشورنس فارم ذريعي پنهنجي رجسٽريشن ڪري ??گهندا. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سميت صحافي به موجود هئا. صحافين کي صحت جي اها سهولت پرائيم منسٽر هيلٿ انشورنس اسڪيم ميڊيا ورڪرز ا??نڊ جرنلسٽس 2023ع تحت ڏني ??ئي وڃي. جنهن جي لاءِ حڪومت وفاقي بجيٽ ۾ هڪ ارب رپين جي وڏي رقم ر??ي آهي. ان اسڪيم سان سڄي ملڪ جا صحافي لاڀ پرائي سگهندا. ان جي لاءِ پريس ڪلب ڪارڪن هجڻ لازمي نه آهي، آن لائين رجسٽريشن فارم جاري ڪرڻ کي مڪمل بڻائڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير اطلاعات واري ??يڪريٽري ??هيل علي خان، پي آءِ او مبشر حسن ۽ اطلاعات واري وزارت جي ٽيم کي مبارڪ??اد ڏني.