اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي وي پشاور سي??ٽر جي علائقائي نشريات هفتي جا 7 ڏينهن 24 ڪلاڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پي ٽي وي پشاور سي??ٽر جي علائقائي نشريات خيبرپختونخواهه جي سمورين علائقائي زبانن ۾ دستي??ب آهي، اها نشريات سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سي??لائيٽ ذريعي پهچ جوڳي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو قدم پي ٽي وي نيشنل قائم ڪرڻ کانپوءِ خيبرپختونخواهه جي عوام جي پراڻي مطالبي جي تڪميل آهي. ان نشريات سان مقامي مسئلن جي حل ۽ خيبرپختونخواهه جي متحرڪ ثقافت ۽ ورثي کي فر??غ ڏيڻ جي لاءِ معلومات، تعلي?? ۽ ??نفوٽينمنٽ ڪانٽينٽ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم دستياب هوندو. ان سان مقامي ميڊيا ايڪو سسٽم جي تياري ۾ پڻ مدد ملندي جيڪو مقامي ڪميونٽيز جي مفادن جي لاءِ بهتر طريقي سان خدمتون سرانجام ڏيندو.