اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اليڪش?? ڪميشن جو فيصلو پاڪستان جي ??فاد ۾ آهي، اليڪش?? ڪميشن معاشي، سياسي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪيو، آئين جي آرٽيڪل 218 تحت اليڪش?? ڪميشن کي يقيني بڻائڻو آهي ته شفاف، غيرجانبداراڻي ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿين، آرٽيڪل 224 جي گهرج آهي ته چونڊن جي ??قت وفاق ۽ صوبائي اڪائين ۾ نگران حڪومتون قائم هجن. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اليڪش?? ڪميشن سمورين ڌرين س??ن مشاورت کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو، اليڪش?? ڪميشن جي ??يصلي س??ن ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي ضمانت ملندي، خدشا هئا ته هڪ ماڻهو جي اناءَ جي ڪري ٻن صوبن تي زبردستي چونڊون مڙهيون پيون وڃن. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي چونڊ ٿيندي ته ٻن صوبن ۾ حڪومتون قائم ٿينديون. 30 اپريل تي ٻن صوبن ۾ چونڊون ٿيون ته سدائين جي ??اءِ تڪراري ٿي وڃن ها. چونڊون 30 اپريل تي ٿين ها ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڇهه مهينا اڳ اسيمبليون ختم ٿي وڃن ها. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اليڪش?? ڪميشن پنهنجي ??يصلي س??ن ملڪ کي وڏي آئيني بحران کان بچائي ورتو آهي. اليڪش?? ڪميشن جي ??يصلي س??ن ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو. هن چيو ته ملڪ ۾ آدمشماري جو عمل جاري آهي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ آدمشماري کان اڳ ۽ ٻين ۾ آدمشماري کانپوءِ چونڊون ٿين، اهو نه ٿو ٿي سگهي. هڪ شخص جي ??رضي تي آئين نه ٿو هلي سگهي، هو جڏهن چاهي آئين ٽوڙي ڇڏي، جڏهن چاهي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، اهو نه هلندو، جڏهن چاهي پولي?? وارن جا مٿا ڦاڙي ڇڏي، جڏهن چاهي اليڪش?? ڪميشن تي حملو ڪري، عدالت تي حملي آور ٿئي ، جڏهن چاهي چونڊون ٿين ۽ جيڪي چاهي فيصلا اچن، اهو نه هلندو.