اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پنجاب حڪومت مهانگائي جي ور چڙهيل غري?? عوام جي لاءِ وڏو رمضان پئڪيج تيار ڪيو آهي جنهن تح?? غريب خاندانن کي مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. اهو فيصلو وزيراعظم جي صدارت ۾ پنجاب ۾ رمضان پئڪيج تح?? مفت اٽي جي فراهمي جي جائزه اجلاس ۾ ڪيو ويو. پهريون ڀيرو غريب خاندانن کي مفت اٽي جي فراهمي جو اهو پنهنجي نوعيت جو پهريون پئڪيج آهي جيڪو وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي تيار ڪيو ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ پنجاب صوبي ۾ غريب ترين ماڻهن کي خصوصي رمضان پئڪيج تح?? مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم غريب خاندانن کي رمضان پئڪيج تح?? اٽي جي فراهمي تي ٺوس حڪمت عملي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته رمضان م??يني ۾ روزيدارن کي وڌ کان وڌ ريليف ڏنو وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي پنجاب ماڊل جي طرز تي سڄي ملڪ ۾ رمضان پئڪيج جي غري?? عوام کي فراهمي جي لاءِ وفاق صوبن کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو. اجلاس ۾ چيف سيڪر??ٽر?? پنجاب زاهد اختر زمان ۽ ناڻي واري سيڪر??ٽر?? مجاهد شير دل رمضان پئڪيج جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن رض?? نقوي کانسواءِ خوراڪ وارو سيڪر??ٽر?? ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.