اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ٽيليويزن، فلم، ريڊيو ۽ اسٽيج جي ناليواري اداڪار قوي خان جي لاڏاڻي تي گهري افسوس ۽ ڏک جو اظه??ر ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف مرحوم جي درجن جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ ان جي خاندان سان تعزيت جو اظه??ر ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته قوي خان جي لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ ليجينڊ اداڪار کان محروم ٿي ويو. قوي خان هڪ اڪيڊمي جي حيثيت رکندو هو، ان جهڙو اداڪار صدين ۾ پيدا ٿيندو آهي. قوي خان ريڊيو پاڪستان پشاور کان چائلڊ اسٽار طور ڪم شروع ڪيو، جيڪو ان جي فطري ٽيلينٽ جو ثبوت آهي. هن چيو ته قوي خان ورسٽائل اداڪار هو، جنهن هر طرح جو ڪردار بهتر طور تي اد?? ڪيو ۽ ان جي اداڪاري حقيقت جي ويجهو ۽ قدرتي هئي. هو پاڪستان ٽيليويزن جي ان شروعاتي اداڪارن مان هو جن پاڪستان ٽيليويزن ڊرامن جو بنياد رکڻ ۾ اهم ڪردار اد?? ڪيو. ”لاکهون مين تين“ ۽ ”ان??ير?? اجالا“ ۾ سندس اداڪاري عوام جي ذهنن تي اڄ به زندهه آهي. وزيراعظم چيو ته تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ ستاره امتياز جي اعزاز قوي خان جي فنڪاراڻي صلاحيتن جو رياستي سطح تي اعتراف آه??. پ??ڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جا ناظرين سندس کوٽ سدائين محسوس ڪندا رهندا. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.