اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي سڄي دنيا ۾ امن، جمهوريت ۽ پائيدار ترقي جي فروغ لاءِ ??ين الپارلياماني يونين (آئي پي يو) جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??ين الپارلياماني يونين جي امن، جمهوريت، انساني حقن، نو??وانن کي بااختيار بڻائڻ، سياسي ڳالهين ۽ پارلياماني ڪارروائي جي ذريعي پائيدار ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو آهي. هو ??ين الپارلياماني يونين جي صدر ڊوارٽي پچيڪو سان ڳالهائي رهيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پارليامينٽرينز عالمي امن کي فروغ ڏيڻ ۽ تڪرارن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. دنيا ۾ جنگين کي روڪڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏي?? طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن زور ڏنو ته سڄي دنيا جا پارليامينٽ ميمب?? عالمي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪن. صدر معزز مهمان کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف ڊگهي جنگ ۾ پاڪستاني قوم هزارين جانين جي قرباني ڏني ۽ 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان پڻ کنيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان دهشتگردن کي ڪاميابي سان شڪست ڏني آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. صدر چيو ته پاڪستان چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي جيڪو اسان جي ملڪ جي انساني همدرديءَ جي جذبي جو واضح ثبوت آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڊوارٽي پچيڪو جي دوري سان پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ ??ين الپارلياماني يونين جي ميمبر پارليامينٽس جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي آئي پي يو جي صدر ٻڌايو ته ??ين الپارلياماني يونين ??ڪ اهم پليٽ فارم آهي جنهن پنهنجا تجربن ۽ معلومات جي ٻين ??يمبر ملڪن سان مٽاسٽا ڪئي آهي. هن پشاور جي مسجد تي تازي دهشتگرد حملي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ان وحشياڻي حملي جي مذمت ڪئي.