اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پ?? پي) پاڪستان چمن ۾ شهري آبادي تي افغان بارڊر فورسز جي ا??تعال انگيز ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنه?? جي نتيجي ۾ 6 پاڪستاني شهري فوت ۽ 17 زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهڙي قسم جا افسوسناڪ واقعا ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن موجب نه آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغان عملدارن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اهڙن واقعن کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ذميوار?? جي خلاف سخت ترين ڪارروائي ڪئي وڃي. ترجمان چيو ته سرحد تي شهري?? جي حفاظت ڪرڻ ٻنهي ڌري?? جي ذميواري آهي، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپيل عملدار ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ رابطي ۾ آهن ته صورتحال وڌيڪ خراب نه ٿئي ۽ ته جيئن اهڙن واقعن کان بچي سگهجي.