منگلا – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعطم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت عوام کي ??ستي بجلي جي فراهمي جي لاءِ قدم کڻي ره?? آهي ڇو ته پاڪستان مهانگي توانائي کي ??رداشت نه ٿو ڪري سگهي، دوست ملڪن جي تعاون تي انهن جا ٿورائتا آهيون، منگلا ڊيم جو منصوبو پاڪ آمريڪا لاڳاپن جو بهترين مثال آهي، هي واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جو بهترين وقت آهي، ملڪ ۾ تعمير ۽ ترقي نعرن ۽ ڌرڻن سان نه پر سياسي استحڪام سان ايندي، حالتون ايتريون مشڪل آهن جو جيڪڏهن ٻڌايان ته وار ڪانڊارجي وڃن، اتحادي حڪومت ملڪ کي ??رپيش مشڪل ترين چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پوري محنت سان ڪم ڪري ره?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منگلا ڊيم جي يونٽ 5 ۽ 6 جي ريفربشمنٽ جي افتتاحي تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته منگلا ڊيم جو منصوبو پاڪ آمريڪا لاڳاپن جو بهترين مثال آهي. ان جو بنياد ايوب جي دور ۾ رکيو ويو هو. هن چيو ته حڪومت عوام کي ڪلين، گرين ۽ سستي بجلي جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري ره?? آهي، هن ڊيم جو اسان جي معاشي ترقي ۾ تمام اهم ڪردار آهي، ان جي مرمت، اپ گريڊيشن ۽ ريفربشمنٽ جي ضرورت هئي جنهن جي لاءِ يو ايس ايڊ 150 ملين ڊالر ڏنا ۽ فرانس 90 ملين يورو جو قرض فراهم ڪيو جڏهن ته 65 ملين يورو وڌيڪ فراهم ڪرڻ جو پڻ ??اعدو ڪيو آهي، هي 483 ملين ڊالر جو منصوبو آهي جيڪو حصيداري جو بهترين مظهر آهي. وزيراعظم تربيلا ڊيم جي لاءِ تعاون جي اعلان تي پڻ آمريڪي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن جو دائرو واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ وڌائڻ جو هي بهترين وقت آهي. هن جنرل اليڪٽرڪ هائيڊرو فرانس جا پڻ ??ورا مڃيا ۽ چيو ته ايل اين پاور پراجيڪٽ جي حوالي سان به ان جو اهم ڪردار رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته هن منصوبي جو افتتاح ڪرڻ منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، سستي بجلي پاڪستان جي ضرورت آهي ۽ حڪومت ان سلسلي ۾ هر ممڪن قدم کڻي ره?? آهي. وزيراعظم چيو ته واپڊا به ان منصوبي تي 175 ملين ڊالر جي وڏي رقم خرچ ڪئ?? آهي جنهن تي واپڊا عملدار ساراهه جي لائق آهن. هن چيو ته پاڪستان اڄ مشڪل ترين چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، مخلوط حڪومت پوري محنت ۽ لڳن سان ملڪ کي ??رپيش مشڪل چئلينجز جو مقابلو ڪري رهيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ارب ڊالر جي بانڊ جي حوالي سان هر قسم جا تبصرا ڪيا پئي ويا، اسان ان جي ادائيگي جو انتظام ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته منگلا ڊيم جي تعمير جو ڪارنامو تاريخ جي ورقن ۾ زندهه رهندو، اهڙي طرح جمهوري حڪومتن به جيڪي سٺا ڪم ڪيا اهي به انهن جي ڪريڊٽ تي سدائين رهندا، 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) حڪومت سنڀالي ته لوڊشيڊنگ عروج تي هئي، نواز شريف لوڊشيڊنگ ختم ڪئي جنهن سان صنعتون هلي پيون ۽ ٻنيون ٻارا آباد ٿي ويا، روانگي واپار بحال ٿيڻ شروع ٿي ويو، پاڪستان پيپلزپارٽي اسٽيل ملز جو بنياد رکيو ۽ مڪمل ڪئي، ان جو اهو ڪارنامو تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو توانائي جو بل 27 ارب ساليانو تائين پهچي چڪو آهي، ڪو به اسرندڙ ملڪ ان کي ??رداشت نه ٿو ڪري سگهي، الله تعاليٰ پاڪستان کي ??مام گهڻن وسيلن سان مالامال ڪيو آهي، بدقسمتي سان اسان پنهنجي وسيلن مان فائدو نه کڻي سگهياسين ۽ هائيڊل مان رڳو 10 هزار ميگاواٽ بجلي ٺاهي سگهڻ جي اهليت رکون ٿا جڏهن ته اها صلاحيت ان کان ڪيترائي وڌيڪ آهي. وزيراعظم چيو ته ان جي ذميواري سمورين حڪومت يت لاڳو ٿئي ٿي جيڪڏهن ملڪ ۾ ڊيم ۽ پاڻي ذخيرا تعمير ڪيا ويا هجن ها ته جيڪا تباهي تازي ٻوڏ سان ٿي اها نه ٿئي ها ۽ سستي پن بجلي جي ڪري پاڪستان ترقي جي رستي تي گامزن هجي ها. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ وڏي پئماني تي تباهي مچائي، اها انساني هٿان سان ٿيندڙ تباه?? آهي، اسان دنيا کان خيرات نه گهري رهيا آهيون، اسان جي ماحولياتي انصاف جي فراهمي جي بيانيي کي ??المي سطح تي پذيرائي ملي، شرم الشيخ ۾ اسان جي موقف کي ??سليم ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته اسان کي پنهنجي احتساب ڪندي پنهنجي اندر همت ۽ توانائي پيدا ڪرڻي پوندي ۽ محنت سان ڪم ڪرڻ کي پنهنجو شعار بڻائڻو پوندو. هن چيو ته دوست ملڪن پاڪستان جي وڏي مدد ڪئ?? آهي، انهن کي ??ڃا وڌيڪ ويجهو آڻينداسين، پاڪستان کي ??ستي بجلي حاصل ڪرڻ جي ذريعن تي ڌيان ڏيڻو پوندو ڇو ته اسان مهانگي بجلي کي ??رداشت نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته يوڪرين ۽ روس جي جنگ جي ڪري تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، پاڪستان جن مشڪل حالتن مان گذري رهيو آهي جيڪڏهن ٻڌايان ته وار ڪانڊارجي وڃن پر محنت ۽ لڳن سان ڪم ڪنداسين ته منزل ضرور ملندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان وٽ ٿرڪول جي صورت ۾ ڪوئلي جو سڀ کان وڏو ذخيرو موجود آهي، 1320 ميگاواٽ جو نئون منصوبو شروع ڪري رهيا آهيون جنهن سان سستي توانائي حاصل ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ترقي ڌرڻن ۽ نعرن سان نه سياسي استحڪام ۽ ڪارڪردگي سان ڏيکارڻ سان ايندي، اسان کي پنهنجي ذاتي پسند ۽ ناپسند کان مٿانهون ٿي ملڪ جي خدمت ڪرڻي پوندي، پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جو اهو ئي طريقو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم انجنيئر امير مقام جي مطالبي تي ڪوهستان جي ٽن ضلعن ۾ 10 ميگاواٽ جي منصوبن جو به اعلان ڪيو. ان کان اڳ تقريب کي ??طاب ڪندي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته هي منصوبو پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ تعاون جو عڪاس آهي. تربيلا ڊيم جي سگهه وڌائڻ جي لاءِ به آمريڪا پاڪستان سان تعاون ڪندو. ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي قدم کڻڻا پوندا. پاڪستان کي ??ازو ئي بدترين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، بحالي جي ڪمن ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻي پوندي. واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني چيو ته وفاقي حڪومت ڪلين، گرين ۽ سستي توانائي جي فراهمي ۾ گهري دلچسپي رکي ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم جا خاص معاون طارق فاطمي، يو ايس ايڊ جو سربراهه ۽ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم به موجود هئا.