اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چ???? آهي ته پاڪستان کي شديد ترين ماحولياتي تبديليون درپيش آهن، تازي ٻوڏ ۽ برساتن سان ملڪ جو اڪثر حصو پاڻي هيٺ آهي، معاشي بحالي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، سمورين لاڳاپيل ڌرين کي هن مش??ل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي اين بي سي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چ??و ته ڪوپ – 27 ماحولياتي تبديلي جي اثرن، نقصانن ۽ بحالي جي حوالي سان انتهائي اهم آهي، ماحولياتي تبديلي جي نقصانن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ پڻ موسمياتي تبديلي جي ڪري آئي. هن چيو ??ه ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، خطرن کان بچڻ ۽ بحالي جي لاءِ پوري دنيا جي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ڇو ته موسمياتي تبديلي هڪ عالمي مسئلو بڻجي چڪ?? آهي. پرڏيهي وزير چيو ??ه پاڪستان کي ٻوڏ ۽ قدرتي آفتون درپيش آهن، ٻوڏ جي ڪري پاڪستان کي شديد جاني ۽ مالي نقصان کڻڻو پي?? آهي. هن چيو ??ه ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري کي فروغ ڏ??ي رهيا آهيون، پاڪستان کي مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ??ه پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي جي ڪري ايندڙ ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان پهت?? آهي، دنيا کي موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي حل ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چ??و ته عالمي برادري جي اها ذميواري آهي ته اها ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان جو حل ڳولي.