اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام چيو آهي ته 80 لک ??شم??رين تي قابض ڀارتي فوج والاريل علائقي کي دنيا ج?? سڀ کان وڏي جيل ?? تبديل ڪري ڇڏيو آهي. 27 آڪٽوبر تي والاريل ??شم??ر ۾ ڀارتي تسلط خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 75 سال پهرين انهي ڏينهن ظالم ڀارتي سيڪيورٽي فورسز غيرقانوني طور تي ڄمون ??شم??ر ۾ لٿي. انجنيئر امير مقام چيو ته ??شم??ري پنهنجي ئي گهرن ۾ قيدي بڻجي ويا. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته ڀارت جو غير انساني فوجي گهيراءَ ۽ ??حش??اڻو ڏاڍ ۽ ??شم??رين کي اڪثريت مان اقليت ?? تبديل ڪري والاريل علائقي جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. انجنيئر امير مقام عالمي برادري تي زور ڀريو ته والاريل ??شم??ر ۾ معصوم ??شم??رين خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته ??شم??رين ثابت ڪري ڇڏيو ته ڀارت طاقت جي ??حش??اڻي استعمال سان انهن جي عزم کي ٽوڙي نٿو سگهي. هن آزادي واري جدوجهد جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو.