ڪراچي-19 آڪٽوبر (اي پي پي)غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري کاتي جي وفاقي وزير ۽ چيئرپرسن بينظير انڪم سپورٽ پروگر??م شازيه عطا مري چيو آهي ته وزيراعظم محمد شھباز شريف جي فلڊ ايمرجنسي ڪيش رليف تحت بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام اڄ تائين ڪل 26 لک 46 ه??ار ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ ڪيش رليف جي امدادي رقم ورهائي وئي آهي، ان حساب سان سڄي ملڪ ۾ 66 ارب 17 ڪروڙ ??پين کان وڌيڪ رقم ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ ورهائي وئي آهي. وفاقي وزيرشازيه مري چيو ته ??ينظير انڪم سپورٽ پروگرام اڄوڪي ڏينهن تي وڌيڪ 5 ھ??ار خاندانن کي 25 ه??ار روپين جي امدادي رقم تقسيم ڪئي وئي. اھڙين ڳالهين جو اظهار ھن سندس ھڪ جاري بيان ۾ ڪيو آهي. ھن چيو ته هي رقم وزيراعظم پاڪستان جي فلڊ رليف ڪيش اسسٽنس تحت ورهائي پئي وڃي ۽ ھيل تائين سنڌ جي 18 لک 12 ه??ار خاندانن ۾ 46 ارب رپيا ورهايا ويا آهن. بلوچستان جي 2 لک 10ه??ار کان وڌيڪ متاثر خاندانن کي 5 ارب رپين کان وڌيڪ امداد ڏني وئي آهي جڏهن ته ??يبر پختونخواهه جي 3 لک خاندانن کي 7 ارب 50 لک رپيا ادا ڪيا ويا. ھن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ 3لک 23 ه??ار خاندانن ۾ 8 ارب کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي، گلگت بلتستان جي 462 خاندانن کي 1 ڪروڙ 15 لک رپيا ڏنا ويا جڏهن ته ??ينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رقم جي ورھاست دوران شفافيت کي يقيني بڻايو پيو وڃي.