اسلام آباد -26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڏکڻ ايشيا لاءِ عالمي بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر چيو آهي، ته پاڪستان ۾ ٻو?? متاثر ماڻهن ۽ بنيادي ڍانچي جي بحالي ۾ عالمي بئنڪ پاڪستان سان مڪمل سهڪار ڪندي. پاڪستان جي دوري جي پڄاڻي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هاڻوڪي تباهه ڪن ٻو?? سبب قيمتي حياتين، ملڪيتن ۽ بنيادي ڍانچي کي په??ل نقصان تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي. متاثرن کي امداد جي فراهمي لاءِ عالمي بئنڪ پاڪستان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته گهرن ۽ روزگار کي په??ل نقصان جي ازالي لاءِ قدم ضروري آهن. عالمي بئنڪ جي نائب صدر چيو ته ٻو?? بعد متاثرن جي بحالي، آبادڪاري ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير لاءِ عالمي بئنڪ مجموعي طور تي 12 ارب ڊالرن جي مالي معاونت جو انتظام ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪو موسمياتي تبديلين سبب وڌيڪ متاثر آهي.