نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته مون عالمي اڳواڻن کي پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين کان آگاهه ڪندي م??سم??اتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن ۽ قدمن جي ضرورت کي اجاگر ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گڏيل قومن جي جن??ل اسيمبلي جي 77 هين اج??اس جي موقعي تي مون دنيا جي مختلف ملڪن جي سربراهن سان م??اقاتون ڪيون آهن جن ۾ انهن کي ٻڌايو ته پاڪستان واپار ۽ معيشت جي لاءِ حصيداري جو خواهشمند آهي.