واشنگٽن – 13 سيپٽ??بر (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ واري صورتحال خطرنا?? ٿيندي پئي وڃي ان لاءِ عالمي برادري پاڪستان حڪومت کي ماحولياتي تبديلي سبب ٿيندڙ تباهي آڻيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ وڌيڪ مدد ڪري. ترڪ خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چ??و ته هي ٻوڏ ماحولياتي تبديلي جو سڌو سنئون ۽ تباهي آڻيندڙ نتيجو آهي، اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري خاص طور تي ترقي يافته ملڪ ۽ گڏيل قومون ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي ايندا، هن چ??و ته موسمياتي تبديلين جا مجموعي نقصان تمام گهڻا هوندا، هن چ??و ته اها انتهائي مشڪل صورتحال آهي ڇو ته پاڪستان ۾ هن وقت ٻوڏ جهڙي وڏي تباهي سان گڏ ٻيون مشڪلاتون به درپيش آهن، جنهن جي ڪري ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، فصل ۽ چوپائي مال کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي، هن ٻڌا??و ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش موجب پاڪستان ۾ مجموعي نقصانن جي لاڳت جو ڪاٿو 30 بلين ڊالرن کان وڌيڪ لڳايو ويو آهي، هن چ??و ته پاڪستاني هن آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجا دستياب وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهن پر اسان اهو اڪيلي نٿا ڪري سگهون ان لاءِ عالمي برادري کي اپيل آهي ته هو اسان جي مدد ڪري، پاڪستاني سفير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي دوري ۽ ٻوڏ متاثر ??اڪستاني عوام جي مدد لاءِ ترڪيه حڪومت ۽ سوسائٽي کي متحرڪ ڪرڻ تي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان جو ٿورو مڃيو. هن چ??و ته پاڪستان کي پهرين ئي ٻوڏ جي ڪري تباهي آڻيندڙ صورتحال درپيش آهي جڏهن ته ٻئي طرف يوڪرين جي صورتحال جي ڪري غذائي عدم تحفظ جا مسئلا به سامهون آهن، هن چ??و ته اسان پنهنجي معيشت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين ۽ اسان ان ۾ ڪامياب ٿي رهيا هئاسين پر هاڻي ان ۾ تمام وڏي رڪاوٽ پيدا ٿي وئي آهي، مسعود خان ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ انفرا اسٽرڪچر کي پهتل وڏي نقصان جو ذڪر ڪندي چ??و ته پاڪستان کي متاثر علائقن جي بحالي ۽ ن??ين سر تعمير لاءِ وڏي سيڙپڪاري جي ضرورت پوندي، هن چ??و ته مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن به تباهي کي منهن ڏيڻ، آبي وسيلن جي تحفظ لاءِ هڪ بهتر نظام جي قيام سان گڏوگڏ تعميراتي شعبي کي ريگوليٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي جوڙيندي وڌندڙ آبادي لاءِ بهتر منصوبابندي جي ضرورت هوندي.