اسلام آباد – 09 211; سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي تي پرڏيه?? وزارت پهچڻ تي استقبال ڪيو. ان موقعي تي پرڏيه?? وزارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. بعد ۾ پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. انتونيو گوتريس تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر پاڪستان جي عوام سان گهري همدردي ۽ يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. هو ٻوڏ کان شديد متاثر علائقن جو پڻ دورو ڪندو. ان کان اڳ هن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي.