اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ جي تب??هي آڻيندڙ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۽ عالمي ادا??ن پاران امدادي اڏامن جي پاڪستان اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين 44 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي چڪيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنپهرن تائين ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ مجموعي طور تي گڏيل عرب امارات مان 16?? ترڪيه مان 11، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 3، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 2، گڏيل ??وم?? جي پناهگيرن جي اداري (يو اين ايڇ سي آر) جون 5 ۽ ترڪمانستان مان هڪ اڏام پاڪستان پهچي وئي آهي.