اسلام آباد – 02 –; سيپٽمبر (اي پ?? پي) تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر ماڻه?? جي مدد جي لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻي ??ڪ اڏام پاڪستان پهچي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته قطر کان امدادي سامان کڻي ??ڪ اڏام جمعي ڏينهن پاڪستان پهچي وئي آهي. قطر کان انساني امداد جي پ??رين اڏام جو جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي استقبال سنڌ جي محنت واري صوبائي وزير سعيد غني، سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير محمد سجاد جوکيو ۽ قطر جي قونصل جنرل مشال الانصاري کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاڪستا?? جي ٻوڏ سٽيل?? جي لاءِ امدادي سامان مو??لڻ جي آجيان ڪندي قطر جا ٿورا مڃيا.