اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ نوجوانن کي موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ وڏو فيصلو ڪندي محڪماڻي رانديون بحال ڪرڻ جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب سيپٽمبر 2021ع ۾ پي ٽي آءِ حڪومت محڪماڻي راندين جي لاءِ فنڊنگ روڪي ڇڏي هئي، عمران خان حڪومت جي ڪري 30 مختلف راندين ۾ محڪماڻي رانديون ختم ??ي ويون هيون جنهن سان هزارين رانديگر بيروزگار ??ي ويا هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي خطاب ۾ محڪماڻي رانديون بحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. وزيراعظم اپريل 2022ع ۾ محڪماڻي رانديون بحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. رانديگرن وزيراعظم کان پنهنجي بيروزگ??ري ۽ مسئلن جي ڏس ۾ محڪماڻي راندين جي بحالي جو مطالبو ڪيو هو. وزيراعظم اهو قد?? ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ نوجوان ٽيلنٽ جي حوصلا ??فز??ئي جي لاءِ کنيو آهي.