اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان شيخ خليفه زيد بن النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس مي??يا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي ۾ مرحوم شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان تعزيت ڪئي. تعزيتي اجلاس ۾ شاهي خاندان جا ٻيا ماڻهو به مو??ود هئا. وزيراعظم سان گڏ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير افضل محمود پڻ مو??ود هو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي قيادت سان پاڪستان جي قيادت، حڪومت ۽ عوام جي گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن ۾ ٻڌل آهن. مرحوم شيخ خليفه بن زيد النهيان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جا لاڳاپا نئين بلندين تي پهتا. هو پاڪستان جو مخلص دوست هو. سندس اڻٿڪ خدمتن کي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام وڏي عرصي تائين ياد رکندي. گڏيل عرب امارات جي ڀائر ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پاڪستان حڪومت 13 کان 15 مئي 2022ع تائين ٽي ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ قومي جهنڊو سرنگون رهندو.