اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??مر??ن خان اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ بابت سوالن جا جواب ڏي، ان کان جيڪو سوال پڇي ان کي گاريون ۽ ڌمڪي ڏني ويندي آهي، ??مر??ن خان چاهي ٿو ته سڀ سندس ڪوڙ جي بيعت ڪري وٺن، ڪرپشن جو حساب نه وٺن، هو مرضي جا سوال ۽ پنهنجي مرضي جا جواب، مرضي جو ميچ، مرضي جو ايمپائر ۽ رانديگر چاهي ٿو جتي ان جي مرضي سان آئوٽ ۽ ناٽ آئوٽ ڏنو وڃي. اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين جي بيان تي رد عمل جو ا??هار ڪندي وفاقي وزير چيو ته ??مر??ن خان مرضي جو جج، مرضي جو وڪيل ۽ مرضي جو فيصلو چاهي ٿ??، هو آئين کي نٿو مڃي نه ئي قانون کي، هو پنهنجو پاڻ کي ئي آئين ۽ قانون سمجهي ٿو. هن چيو ته ??مر??ن خان پاڻ کي ئي عدالت، جج ۽ پوليس سمجهي ٿو، عدالت سوال پڇي ته ان جي توهين ڪرڻ، الزام لڳائڻ ۽ پوءِ سازش جو راڳ آلاپڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي، وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جي سوالن کان هي اٺ سالن تائين ڀڄندو رهيو ۽ هن الزام لڳائڻ ۽ گهيراءُ جون ڌمڪيون ڏن??، هن چيو ته ميڊيا جي سوال پڇڻ تي چينل، پروگ??ام ۽ ڪالم بند ڪيا ويندا رهيا، ڪيس ۽ ڪارا قانون ٺاهيا ويا، صحافين کي جيلن ۾ وڌو ويو، انهن جو پاسراٽيون ٽوڙيون ويون، جيڪڏهن سياسي مخالف س??ال پڇن ته کين موت جي سزا جي چڪين ۾ وجهڻ ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪيو وي??، هن چيو ته چئن سالن تائين هر ڪوشش جي باوجود هي ڪنهن هڪ سياسي مخالف جي خلاف هڪ الزام به ثابت نه ڪري سگهيو پر ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهائيندو رهي??، هن چيو ته اهڙي ماڻهو کي ذهني مريض چوندا آهن جنهن جي جاءِ پاگل خانو هوندو آهي.