اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام امپورٽيڊ حڪومت آڻڻ جي ڪوشش خلاف آچر تي احتجاج ڪري، سازش خلاف احتجاج قوم تي فرض آهي، هاڻي آئون خاموش نه ٿيندس، جيڪڏهن مخالف ڌر عوام وٽ مقبول آهي ته پوءِ چونڊن ۾ ڇو نٿي اچي، مون عدم اعتماد کانپوءِ پنهنجي اسيمبلي ٽوڙي عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو، سپريم ڪورٽ تڪڙ ۾ فيصلو ڏنو آهي کيس سازش?? خط کي ڏسڻ گهرجي ها، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ما??وسي ٿي آهي، اولهه وارا مو?? کي ان لاءِ ڪڍڻ چاهين ٿا جو آئون انه?? کي سڃاڻان ٿو، منهنجا اصول 26 سالن کان ساڳيا ئي رهيا آهن، تحريڪ انصاف جو بنياد انصاف، انسانيت خودداري تي آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ما??وسي ٿي، عدليه جو احترام ڪريون ٿا، سپريم ڪورٽ کي ٻاهرين سازش جو جائزو وٺڻ گهرجي ها، عدليه انصاف جي محافظ هوندي آهي، عدليه انصاف جو فورم آهي جنهن سان ڪيتريون ئي اميدون واڳيل آهن، عدالت تڪڙ ۾ فيصلو ٻڌايو، عدليه جي بحالي جي تحريڪ ۾ جيل به ڀوڳي. وزيراعظم عمران خان ٽي وي تي قوم ک?? خطاب ڪندي چيو ته منهنجا اصول 26 سالن کان ساڳيا ئي رهيا آهن، تحريڪ انصاف جو بنياد انصاف، انسانيت ۽ خودداري تي آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ما??وسي ٿي، عدليه جو احترام ڪريون ٿا، سپريم ڪورٽ ک?? خط جو جائزو وٺڻ گهرجي ها، عدليه انصاف جي محافظ هوندي آهي، عدليه انصاف جو فورم آهي جنهن سان ڪيتريون ئي اميدون واڳيل آهن، عدالت تمام جلد فيصلو ٻڌايو، عدليه جي بحالي جي تحريڪ ۾ جيل به ڀوڳي. ميمبرن جي خريداري جو ننڍي وڏي کي پتو آهي، ميمبرن جي خريد ۽ وڪري سان 22 سالن جي جدوجهد کي جهٽڪو لڳو، حد ته آهي ته مخصوص سيٽن وارا به وڪرو ٿيڻ لڳا. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اولهندي ملڪن ۾ ميمبرن جي خريداري جو ڪير به سوچي نٿو سگهي، اولهندي ملڪن ۾ ڪو غير قانوني ڪم ڪري ته عوام رستن تي اچي ويندي آهي، وزيراعظم چيو ته ٻاهرين طاقت?? کي پهرين ئي بي اعتمادي جي رٿ جي خبر هئي، ڳجهي معلومات ملڪ جي مفاد جي ڪري عوام سامهُون نٿي آڻي سگهجي، اسپيڪر آرٽيڪل 5 تحت بي اعتمادي رٿ رد ڪري ڇڏي، اسان اهڙي طرح جي تماشن سان نوجوان نسل کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهيون، نوجوان نسل جي بهترين تربيت قومي ترقي لاءِ اڻٽر آهي، خط ۾ ٻڌايو ويو ته بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ خراب نتيجا ڀوڳڻا پوندا، وزيراعظم عمران خان چيو ته چيو ويو ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي وئي ته پاڪستا?? کي معاف ڪنداسين، آمريڪي سفارتخانو مخالف ڌر اڳواڻن سان مسلسل رابطي ۾ رهيو، قرضي ملڪ?? کي سدائين غلامي ڪرڻي پوندي آهي، هن چيو ته الهندو معاشرو حقيقت ۾ امر بالعمروف تي هلي رهيو آهي، خط ۾ ٻڌايو ويو ته عمران خا?? کي روس نه وڃڻو گهربو هو، ٻاهرين قوتن جي مداخلت 22 ڪروڙ عوام جي توهين آهي، وزيراعظم چيو ته فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسا?? کي خوددار ملڪ بڻجڻو آهي يا غلامي ڪرڻي آهي، قوم کان پڇان ٿو ته هو ڪهڙي قسم جو پاڪستان چاهي ٿي، سوچڻو پوندو ته اولهندي جا ملڪ عمران خان ڇو ڪڍڻ پويان آهن، وزيراعظم چيو ته ڇانگا ما??گا جي سياست سان ملڪ بري طرح متاثر ٿيو آهي، اها سياست شريف ڀائرن شروع ڪئي، ايندڙ نسل?? کي بچائڻ لاءِ برائي جي خلاف بيهڻو پوندو، اولهندي دنيا کي آئُون چڱي ريت ڄاڻان ٿو، مون آمريڪي ڊرون حملن جي خلاف ڀرپور مظاهرا ڪيا، اسان جي ڪنهن سان جنگ نه آهي، ملڪ لاءِ امن چاهيون ٿا، وزيراعظم چيو ته آمريڪي جنگ ۾ 80 هزار جانين جي قرباني ڏني آمريڪي پابندين کانسواءِ ملڪ کي ٻيو ڇا مليو، ملڪ جو مستقبل ۽ جمهوريت نوجوان نسل جي هٿ ۾ آهي، اسان جي ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪندڙ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي خلاف آهن، هن چيو ته ڪرپٽ مخالف ڌر وارا آقائ?? کي خوش ڪرڻ لاءِ هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ڇا ميمبرن جي خريداري سان حڪومت ڪيرائڻ جمهوريت آهي؟ م??الف ڌر وارا جمهوريت جا دعويدار آهن ته چونڊن ۾ مقابلو ڪن، وزيراعظم چيو ته ڪرپٽ ٽولو مشرف دور ۾ به اين آر او وٺي چڪو آهي، عمران خان چيو ته ڇا آمريڪا ڀارت جي اندروني معاملن ۾ اهڙي طرح مداخلت ڪري سگهي ٿو، اڳوڻين حڪومتن ملڪ کي قرض جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو، هن چيو ته سويت يونين جي خلاف فرنٽ لائن بڻجڻ جي ڪري وڏو نقصان کنيو، وزيراعظم چيو ته پرڏيهي پاليسي جو محور 22 ڪروڙ عوام آهي، وزيراعظم چيو ته مو?? کي يقين آهي ته هي ملڪ عظيم بڻجندو، وزيراعظم چيو ته برطانيه ۾ 30 لک ماڻهو عراق تي حملي جي خلاف نڪتا، هن چيو ته ه?? خط سائيفر هو اهو انتهائي ڳجهو هوندو آهي، ان تي هڪ ڪوڊ هوندو آهي، ان جي لاءِ ا?? کي ڳجهو رکڻ لاءِ ا?? کي منظر عام تي نٿو آڻي سگهجي، وزيراعظم چيو ته آمريڪي عهديدار پاڪستان جي سفير کي ٻڌايو ته جيڪڏهن عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي ته ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا پر جيڪڏهن ڪامياب ٿي وئي ته پاڪستا?? کي معاف ڪري ڇڏينداسين، کيس خبر هئي ته ڪنهن شيرواني سبرائي آهي، ان جو اهو تڪبر 22 ڪروڙ عوام جي توهين آهي جيڪڏهن اهو ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ پاڪستان جو ڏهاڙو ۽ آزادي جو ڏهاڙو ڇو ملهائيندا اهيون، هن چيو ته ائين ٿيڻ سان ئي ايم اين ايز جو ضمير جاڳي پوي ٿو، ميڊيا ۾ پئسو هلي ٿو ۽ اها انهن جي حمايت ڪرڻ شروع ڪري ٿي، هن چيو ته اسا?? کي خبر پئي ته آمريڪي سفارتخاني وارا اسان جي ميمبرن سان ملي رهيا آهن، هن چيو ته شيرواني سبرائيندڙ انه?? کي پيغام ڏئي رهيا هئا ته فقير ڪجهه نٿا ڪري سگهن، هن چيو ته اولهه کي مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير سڃاڻي ٿو ان لاءِ هي مو?? کي ڪڍڻ چاهين ٿا ڇو ته اهي مو?? کي سڃاڻين ٿا، منهنجو ڏوهه آهي ته مون ڊرون حملن جي مخالفت ڪئي، عراق جنگ جي مخالفت ڪئي، افغانستان ۾ فوجي ڪارروائي جي مخالفت ڪئي ۽ انه?? کي خبر آهي ته عمران خان جا ٻاهرين ملڪ ۾ جائيداد ناهي ان لاءِ هي ڪٺ پتلي نٿو بڻجي سگهي، جڏهن ته بيگرز آر ناٽ چوزرس وارا جا پئسا ٻاهر پيل آهن ۽ اهي ان هن جي اڳيان نٿا ڳالهائين جو انه?? کي خبر آهي ته انهن جا اهي اڪائونٽ ۽ جائيدادون ضبط ٿي وينديون، هن چيو ته ڊرون حملن ۾ بي گناهه ماڻهو ماريا ويندا هئا پر ڪو پڇڻ وارو نه هوندو هو، ان لاءِ اهي چاهين ٿا ته اقتدار ۾ اهڙا ماڻهو اچن جيڪي ڪجهه نه چون، هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان ڊشمني نه آهي پر ٻي قوم لاءِ پنهنجي قوم جي قرباني نٿو ڏئي سگهان، اسان جا اقتدار ۾ ايندڙ اڳواڻ ڊالرن جي لاءِ قوم کي جنگ ۾ ڌڪي ڇڏيندا آهن، نائين اليون کانپوءِ اسان ٻيهر انهن جا اتحادي ٿي وياسين، ان جنگ جو ڪو به فائدو نه ٿيو پر ذلت کڻڻي پئي، هن چيو ته پرڏيهي پاليسي آزاد ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪنهن جو ڪهڙو ڪردار هو تاريخ ۾ لکيو ويندو، جيڪڏهن اڄ اسان نه اٿي بيـٺاسين ته پوءِ سپر پاور اربين روپيا لڳائي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندي، هن چيو ته عمران خان آمريڪا مخالف نه آهي، پر اسان هڪطرفا لاڳاپا نٿا چاهيون اسان گڏيل لاڳاپا چاهيون ٿا، هن چيو ته قوم کي پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري جو تحفظ ڪرڻو آهي مون 22 سال ڊگهي سياسي جدوجهد ڪئي آهي، جنهن جي ڪري الله عوام جون دليون مون ڏانهن موڙي ڇڏيون، ۽ مون پريڊ گرائونڊ ۾ ملڪي تاريخ جا سڀ کان وڏا جلسا ڪيا، آئون عدم اعتماد تي پنهنجي اسيمبلي ختم ڪري عوام وٽ وڃي رهيو هئس ته جيئن عوام فيصلو ڪري، هي ڪهڙو طريقو آهي ته جو ٻاهر کان سازش ڪري پئسن سان ماڻهن جا ضمير خريد ڪري وزيراعظم ٿيڻ هليا آهن جيڪي منهنجي خلاف گڏ آهن اهي هڪٻئي تي ڪرپشن جا الزام هڻندا هئا، ڪيس به انهن هڪٻئي جي خلاف ٺاهيا آهن هي عوام وٽ ڇو نٿا وڃن، چونڊن کان ڇو ڀڄي رهيا آهي، هي اين آر او ٽو چاهين ٿا، هي حڪومت ۾ اچي پنهنجي ڪرپشن جا ڪيس ۽ نيب کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته مون ڪڏهن به نيوٽرل امپائر کانسواءِ ميچ ناهي کيڏي، هي اي وي ايم کي به ختم ڪرڻ چاهين ٿا ۽ جن پرڏيهي پاڪستانين جي پئسي سان ملڪ هلندو آهي انه?? کي ووٽ جو حق ڏيڻ خلاف آهن، وزيراعظم چئلينج ڪيو ته جيڪڏهن اهي عوام ۾ مقبول آهن ته چونڊن ۾ اچن پر هي ميچ فڪس ڪري پنهنجي پسند جا آف??سر لڳائي چونڊن ۾ ويندا، هن چيو ته آئون هاڻي خاموش ٿي نه ويهندس، هن سازش جي خلاف احتجاج قوم تي فرض آهي، ان سان اسان زنده قوم هجڻ جو ثبوت ڏينداسين، وزيراعظم قوم کي زور ڏنو ته هو اٿي بيهي، امپورٽيڊ حڪومت آڻڻ جي ڪوشش خلاف سڀئي آچر تي عشا کانپوءِ ٻاهر نڪرن ۽ پرامن احتجاج ڪن.