پشاور- 16 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر ??خت??نخو?? جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته 16 ڊسمبر جو ڏينهن اسان کي ان الميي جي ياد ڏياري ٿو جڏهن انسانيت جي دشمنن معصوم شاگردن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو. اي پي اي?? جي شهيدن جو غم اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه آهي ۽ هميشه زندهه رهندو. آرمي پبلڪ ا??ڪو?? پشاور جي شاگردن ۽ استادن جي شهادت هميشه ياد رهندي. اهڙو اظهار هن اي پي اي?? جي 7 ورسيءَ جي موقعي تي جاري بيان ۾ ڪيو. وڏي وزير چيو ته آرمي پبلڪ ا??ڪو?? جي معصوم ٻارن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي ملڪ ۾ پائيدار امن جو بنياد رکيو ۽ پوري ق??م حڪومت ۽ ادارن کي گڏيل دشمن خلاف متحد ڪيو.