اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نادرا (ترميمي) آرڊيننس 2021ع جاري ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ون?? مان جاري بيان موجب صدر مملڪت آرڊيننس آئين جي آرٽيڪل 89 تحت جاري ڪيو آهي، ??رڊيننس سان نادرا آرڊيننس 2000ع جي سيڪشن 7 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ترميمي آرڊيننس تحت سموريون ايجنسيون نادرا کي فورن ڊيٽا مهيا ڪرڻ جون پابند هونديو?? ۽ ??يٽا مهيا نه ڪرڻ کي بي ضابطگي تصور ڪيو ويندو جڏهن ته لاڳاپيل قانون تحت ڪارروائي ٿيندي.