اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو حل ئي خطي ۾ پائيدار امن جو ضامن آهي، موجوده حڪ??مت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي سان گڏوگڏ غير??ان??ني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ پڻ پرعزم آهي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي، مجموعي صورتحال ۽ ڪشمير مسئلي تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي صدر چيو ته حڪ??مت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اقتصادي ترقي ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پرعزم آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياحت جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، حڪ??مت ملڪ ۾ سياحت جي فروغ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. صدر چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي کي هر فورم تي موثر انداز ۾ اجاگر ڪري رهيو آهي، پاڪستان 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غير??ان??ني قدمن کي رد ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري عوام ج?? حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي قرارداد موجب ڪشمير مسئلي جو حل ئي خطي ۾ امن جو ضامن آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشميرين تي ظلمن جا پهاڙ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان غيرانساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اتي مسلمانن جي ثقافتي ورثي کي پڻ مٽايو پيو وڃي. صدر چيو ??ه مودي جي انتهاپسند ۽ مسلمان مخالف حڪ??مت کان پوري خطي کي خطرو آهي.