اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، دنيا کي افغانستان ۾ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، طالبان کي حڪومت سازي ۽ ملڪي معاملا هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن گڏيل قومن جي پناهگيرن جي هاءِ ڪ??شن?? فيلپو گرانڊي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن گذريل ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افغانستان مان پرڏيهين جي واپسي ۽ افغان شهرين ??اء?? انساني امداد بابت ڳال??يو?? ڪ??ون ويون. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته افغان شهرين کي موجوده حالتن ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي ۽ انساني بنيادن تي افغان شهرين ??اء?? خوراڪ، دوائن ۽ ٻين ضروري شين جو بندوبست ڪيو وڃي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، طالبان کي حڪومت سازي ۽ ملڪي معاملن کي هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي، دنيا کي افغانستان ۾ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته طالبان کي افغانستان ۾ حڪمرانيءَ ??اء?? مالي ۽ انساني وسيلا يقيني بڻائڻا پوندا، طالبان جي اثر هيٺ حڪومت افغانستان جي هڪ ئي ڏينهن ۾ يورپ جي ترقي ممڪن ناهي، افغانستان ۾ امڪاني انساني ڏُڪار بدامني ۽ لاقانونيت کي جنم ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته انساني همدرديءَ تحت خوراڪ ۽ دوائن جون ٽرڪون ۽ جهاز افغانستان اُماڻيا آهن. موجوده حالتن ۾ پاڪستان افغان شهرين جي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جاري رکندو. گهرو وزير چيو ته هاڻوڪي تناظر ۾ پاڪستان ۾ نڪو افغان پناهگير آهي نه ئي افغان ڪيمپ. افغانستان مان غير ملڪي ۽ افغان شهرين کي ڪڍڻ ??اء?? سهولت مرڪز 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ پناهگيرن بابت هاءِ ڪ??شن?? چيو ته پاڪستان طرفان 30 لک افغان پناهگيرن جي لڳاتار سارسنڀال ۾ ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. گڏيل قومون افغان شهرين کي اڪيلو نه ڇڏينديون، انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. گڏيل قومن افغانستان ??اء?? فنڊ ۽ امداد ??اء?? عالمي برادريءَ کي متحرڪ ڪيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي عملي جي سيڪيورٽي ۽ ويزا سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت جا شڪرگذار آ??يو??. گهرو وزير پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي امداد تي گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪ??شن?? جا ٿورا مڃيا.