اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افعانستان پاڪستان ۽ خطي جي ل??ءِ انتهائي اهميت ر??ند?? آهي، افغانستان م سيڪيورٽي صورتحال جي بهتري، انساني ضرورتن ۽ اقتصادي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ عالمي برادري پاران هنگامي بنيادن تي قدمن جي ضرورت آهي. اهي ڳالهيون هن پاڪستان جي دوري تي ايل جرمن پرڏيهي وزير بائڪو ماس سان ڳالهائيندي ڪيون جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران افغانستان جي صورتحال ۽ پاڪ جرمن ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي ل??ءِ انتهائي اهميت ر??ند?? آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان جي تاريخ جي ان اهم لمحن ۾ عالمي برادري جي ل??ءِ ضروري آهي ته اها افغان عوام سان يڪجهتي ۽ تعاون ڪري. ان م??صد کي حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ افغانستان سان پائيدار رابطن جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ جرمني کي علائقائي امن ۽ استحڪام بابت گڏيل مفادن کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. جرمن پرڏيهي وزير بائڪو ماس وزيراعظم عمران خان کي جرمن چانسلر انجيلا مارڪل پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ افغانستان ۾ صورتحال بابت جرمني جي موقف کان آگاهه ڪيو. بائيڪو ماس افغانستان مان جرمن شهرين جي انخلا ۾ تعاون تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير بائيڪو ماس هلندڙ سال دوران پاڪستان جرمن سفارتي لاڳاپن جي سترهين سالگرهه جي حوالي سان تقريبن کي پڻ اجاگر ڪيو.