اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي جلد سزا ڏيڻ جي ضرورت آهي، شخص، مع??شري ۽ رياست کي عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪتاب ”دختران پاڪستان“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??ذريل هفتي عورتن سان ٿيندڙ ٻن واقعن سان تمام گهڻي تڪليف پهتي، مسلمان مع??شري ۾ عورتن کي خاص مقام حاصل آهي، اسلام ۾ عورتن جي احترام جي خاص تلقين ڪئي وئي آهي. هن چيو ته عورتن جي تحفظ لاءِ شخ??، رياست ۽ مع??شرو پنهنجي ذميواري ادا ڪري، ع??رتن جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي جلد سزا ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته عورتن جي مع??شرتي تحفظ بابت قانون موجود آهن، ع??لدرآمد جي ضرورت آهي، ترقي يافته قومن جي صف ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ بلند همت ۽ حوصلو ضروري آهي. هن چيو ته سماجي ۽ مع??شرتي ترقي جي لاءِ عورتن جي تعليم اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته معاشري جي اصلاح ۾ عورتن جو اهم ڪردار آهي، ع??رتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته عورتن کي وراثتي حق ملڻ گهرجن، ان حوالي سان بلوچستان هاءِ ڪورٽ بهترين فيصلو ڏنو آهي. هن چيو ته احساس پروگرام جي ذريعي مستحق عورتن کي امدادي رقم انهن جي اڪائونٽ ۾ موڪلي ويندي. هن چيو ته بئنڪن عورتن کي قرض ڏيڻ جي لاءِ رقم مخصوص ڪئي آهي پر تمام گهٽ عورتون ان مان فائدو کڻن ٿيون. هن چيو ته ??ڏيل ڪوششن سان قومون ٺهنديون آهن، ع??رت کي صحيح مقام ڏيڻ سان ملڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته مديني جي رياست قائم ڪرڻ اسان جو مقصد آهي ۽ مع??شري کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ جعلي خبرن جي ڀرمار آهي. تقريب کي موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل، وومين ڊيولپمينٽ واري صوبائي وزير آشفه رياض فتيانه، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبله اياز، عالمي اسلامڪ يونيورسٽي جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر مع??وم ياسين زئي ۽ سميعه راحيل قاضي پڻ خطاب ڪيو.