اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان کي يورپي ڪائ??نس?? جي صدر چارلس ميچل ٽيليفون ڪيو ?? ساڻس افعانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزي??اع??م افغنستان سان سفارتي ۽ عالمي ادارن جي عملي ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. يورپي ڪائ??نس?? جي صدر نڪرڻ ل??ءِ لنگهه جي فراهمي ۽ ميزباني تي وزي??اع??م جو ٿورو ادا ڪيو، وزي??اع??م پاڪستان جي موقف جي وضاحت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، وزي??اع??م ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان جي سڀني ماڻهن جي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ انهن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هڪ جامع سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو آهي، وزي??اع??م عمران خان ان اميد جو اظهار ڪيو ته افغان اڳواڻ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ل??ءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا، وزي??اع??م پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو مسئلي جي حل ل??ءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو، هن چيو ته افغانستان ۾ سلامتي جي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ، امن کي برقرار رکڻ، انساني همدردي جي ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ افغان عوام جي معاشي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ ل??ءِ ضروري آهي، وزي??اع??م عمران خان چيو ته افغانستان جي موجوده صورتحال ۾ عالمي برادري جي مسلسل حمايت جي ضرورت آهي. افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ انساني همدردي جي چئلينجن کان بچڻ ۽ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ ل??ءِ انهن جي مدد ڪرڻ اڻٽر آهي. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي حصيدارن سان ويجهي را??طي ۾ رهندو ته جيئن افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏئي سگهجي جنهن سان خطو ۽ ان کان ٻاهر جو علائقو مستفيد ٿيندو. وزي??اع??م ۽ يورپي ڪائ??نس?? جي صدر ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڌريون را??طي ۾ رهن ۽ افغانستان جي صورتحال تي ويجها رابطا رکن، وزي??اع??م عمران خان يورپي ڪائ??نس?? جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي به دعوت ڏني.