اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين مولانا فضل الرحمان جي بيان ”اسان 24 ڪلاڪ به جنگ وڙهڻ جي قابل نه آهيون“ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته بزرگ مولانا صاحب نوجوان بلاول ڀٽو پاران ”عزت افزائي“ جو صدمو برداشت نه ٿو ڪري سگهي ان لاءِ هاڻي انهن معاملن تي ڳالهائي رهيو آهي جن جي کيس خبر ئي نه آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ چ??ڌري فو??د حسين چيو ته مولانا فضل الرحمان ??ير??ميواراڻي بيانن کان پاسو ڪري، مولانا کي پاڪستان جي صلاحيتن تي ان وقت به شڪ هو جڏهن هو چوندو هو ته ط??لب??ن جبلن تي پهچي چڪا آهن.