اسلام ??باد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عمران خان جو سدائين کان موقف رهيو آهي ته سينيٽ چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، اليڪٽورل ووٽ جي امين ماڻهن ??ي عوام ??و ووٽ غلط استعمال نه ڪرڻ گهرجي، اسان ڪيئن هڪ قانون کي گهربل شخص کي پاسپورٽ ڏئي مدد ڪري سگهون ٿا، ائين نه ٿو ٿي سگهي اسان سهولتڪار بڻجون ۽ نواز شريف ڪٿي ٻئي هنڌ هليو وڃي. هو صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سينيٽ چونڊن بابت ميڊيا حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن ??يو ته ماضي جي حڪومتن سياست ۾ پئسي جي ڪلچر کي عام ڪيو، اسان جو واضح موقف آهي ته پئسي جي سياست ختم ڪري اهليت ۽ ميرٽ کي فروغ ڏنو وڃي. هن ??يو ته سينيٽ چونڊن جي لاءِ اميدوارن جي حتمي فهرست اڄ شام ??ائين مڪمل ٿي ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته مري?? نواز مڃي ورتو ته پي ڊي ايم جو مستقبل اونداهي ۾ آهي، مري?? نواز ٻاهرئين ملڪ وڃ?? جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. هن ??يو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي انهن ??ي اهڙيون بيماريون ڇو ٿيون لڳن جن جو پاڪستان ۾ علاج ممڪن نه آهي. هن ??يو ته مري?? نواز اهڙي قسم ??ي بيانن سان ٻاهرئين ملڪ وڃ?? جي راهه هموار ڪري رهي آهي، حڪومت پاران مري?? نواز کي ٻاهرئين ملڪ وڃ?? جي اجازت قطعي طور نه ڏني ويندي.