اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته علاج جون معياري سهولتون هر شهري جو بنيادي حق آهي، حڪومت صحت جي شعبي ۾ سڌارا شروع ڪيا آهن، نجي شعبي کي ڏورانهن علائقن ۾ اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پاران هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج تي بريفنگ دوران ڪيو. بريفنگ ۾ صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽ?? فيصل سلطان به موجود هو جڏ??ن ته پنجاب جي صحت واري وز??ر ڊاڪٽر ياسمين راشد وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، وز??راعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته پنجاب جي سمورن مستقل رهواسين کي ڊسمبر 2021ع تائين صحت ڪارڊ جي سهولت ميسر ٿي ويندي جنهن جي ڪري سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسپتالن م علاج ممڪن ٿي سگهندو.