اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪلين انرجي طرف گا??زن آهي، 2030ع تائين مجموعي توانائي جي 60 سي??ڙو ذريعن کي ڪلين انرجي ۽ 30 سي??ڙو گاڏين کي بجلي تي منتقل ڪرڻ جو هدف آهي، پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن موسمياتي تبديلين تي پيرس معاهدي جي پنجين سالگرهه تي عالمي ورچوئل سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو ماحولياتي آلودگي ۾ حصو هڪ سي??ڙو کان به گهٽ آهي جڏهن ته اها ??الهه افسوسناڪ آهي ته پاڪستان ماحولياتي آلودگي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ پنجون ملڪ آهي.