اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن س??نٽر (اين س?? او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين س?? او سي پا??ان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان ڪورونا جي هڪ هزار 808 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 34 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 33 مت??ثر مريض اسپتالن ۾ ۽ هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دو??ان ان وائرس سبب فوت ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان ڪووڊ – 19 جا 36 هزار 686 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان س??ڌ ۾ 11 هزار 146، پنجاب ۾ 13 هزار 545، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 303، اسلام آباد ۾ 6 هزا?? 879 ، بلوچستان ۾ 482 ، گلگت بلتستان ۾ 345، آزاد ڪشمير ۾ 986 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 20 هزار 849 ٿي چڪو آهي، بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وي??ٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 856 وي??ٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 189 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 22 هزار 88 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب مت??ثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 49 هزار 992 آهي.