اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي حڪومت ميڊيا صنعت جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، ميڊيا صنعت جي ترقي ۽ صحافين ??ي حقن جي تحفظ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻنداسين. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان اي پ?? اين ??يس جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبرن وڊيو لنڪ تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اي پ?? اين ??يس جي سيڪريٽري جنرل سرمد علي، شهاب زبيري، مجيب الرحمان شامي، قاضي اسد عابد، نجم الدين ??يخ، مشتاق احمد، فوزيه شاهين، محسن بلال، فيصل زاهد ملڪ، سيد هارون شاهه، نويد چوڌري، ممتاز اي طاهر ۽ ٻين ميمبرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اشتهار جي رهتن جي ادائگي ترجيحي بنيادن تي ڪئي پئي وڃي، ان مد ۾ 74 ڪروڙ رپيا ادا ٿي چڪا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور جي اشتهارن جي مد ۾ اٽڪل 45 ڪروڙ رپين ??ي ادائگي ڪئي وئي آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته ڪورونا جي ڪري پ??ري دنيا معاشي عدم استحڪام جو شڪار آهي، ان جا منفي اثر اسان جي معيشت تي به پيا، اسان سڀني کي گڏجي انهن مشڪل حالتن جو مقاب??و ڪرڻو آهي. هن چيو ته ميڊيا معاشري جو اهم ٿنڀ آهي، ميڊيا نه رڳو عوام ۾ آگاهي پ??دا ڪري ٿي پر ان شعبي سان هزارين ??اندانن جو روزگار پڻ واڳيل آهي.