ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ٽيلي نار جي چيئرپرسن گن ورسٽڊ ۽ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر سيگيو بريڪ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، خاص مددگار ذوالفقار بخاري، س??ڙپڪاري بابت عمومي سفير علي جهانگير صديقي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا با??ر به موجود هئا.